حاجي مولابخش سومرو

حاجي مولابخش سومرو: نامور سياستدان خانبهادر حاجي مولابخش ولد حاجي محمد عمر سومرو 1903ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو. هيءُ شهيد الهه بخش سومري جو ننڍو ڀاءُ هو. هن ابتدائي تعليم مقامي سنڌي اسڪول ۾ ورتي. ان کان پوءِ ڪوئيٽا جي پبلڪ اسڪول ۾ سينيئر ڪئمبرج تائين پڙهيو، بعد ۾ چوڏهن سالن تائين بمبئي يونيورسٽيءَ جو فيلو رهيو. مولا بخش سومرو شروع ۾ 1934ع ڌاري شڪارپور ۾ فرسٽ ڪلاس آنرري مئجسٽريٽ به ٿي رهيو. ان وقت شڪارپور ميونسپالٽيءَ جو هڪ ٽرم لاءِ صدر ۽ ڪجهه وقت لاءِ جيڪب آباد زمينداري بئنڪ جو چيئرمئن به رهيو. کيس ضلعي لوڪلبورڊ سکر جي پريزيڊنٽ هئڻ جي ڏينهن ۾ خانبهادريءَ جو خطاب مليو. 1943ع ۾ خانبهادر احمد خان سڌايي جي فوت ٿي وڃڻ بعد سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. 1946ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ مولا بخش سومرو پنهنجن ٻن ساٿي ميمبرن سردار دادن خان لنڊ ۽ سردار خان کوسي سان گڏ چونڊجي آيو ۽ نيشنلسٽ گروپ جي نالي سان ڪانگريس جي مخالفت ۾ ڪوئليشن پارٽيءَ ۾ رهيو. 1946ع ۾ دهليءَ ۾ مسلم ليگ کان ٻاهر وارين جملي جماعتن جي ڪانفرنس ٿي، ان ۾ حصو ورتائين. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ حاجي مولابخش سومرو، مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. يوسف هارون جي وزارت دوران کيس وزير ڪري کنيو ويو. 1953ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ ۾ مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي چونڊجي آيو. 1954ع ۾ پيرزاده عبدالستار وزارت کي، سنڌ کي ون يونٽ ۾ شامل ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ تي، گورنر ڊسمس ڪري انهيءَ شرط تي خانبهادر محمد ايوب کهڙي کي سنڌ جو وزيراعظم مقرر ڪيو ته هو سنڌ کي ونيونٽ ۾ شريڪ ڪرڻ جو ٺهراءُ سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪرائي ڏيندو. کهڙي جي ان وزارت ۾ ٿوري وقت کان پوءِ حاجي صاحب کي به شريڪ ڪيو ويو. ان وزارت ۾ پير علي محمد شاهه راشدي، قاضي محمد اڪبر، سيد نور محمد شاهه ۽ ٻيا وزير شامل هئا. 1955ع ۾ هيءُ پاڪستان جي آئين ساز اسيمبليءَ تي سنڌ اسيمبلي طرفان ميمبر چونڊجي ويو. انهيءَ دوران کيس مرڪزي حڪومت ۾ مملڪتي وزير مقرر ڪيو ويو، جنهن دوران ڪشمير، پارلياماني مامرن ۽ نشر و اشاعت جا کاتا سندس سنڀال هيٺ رهيا. ڪجهه مهينن بعد کيس مهاجرن جي آبادڪاريءَ جو وفاقي وزير مقرر ڪيو ويو. آڪٽوبر 1959ع تائين مرڪزي حڪومت جو وزير رهيو. 1970ع ۾ هيءُ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. سياسي معاملن ۽ واپار جو وفاقي وزير بڻيو. 3 فيبروري 1989ع تي وفات ڪيائين. کيس شڪارپور جي پنج پير قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. حاجي مولابخش سومري کي 3 فرزند: احمد ميان سومرو، الاهي بخش سومرو ۽ ڊاڪٽر منصور سومرو ٿيا، جن جو شمار ملڪ جي ناليوارن سياستدانن ۾ ٿئي ٿو.


لفظ حاجي مولابخش سومروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو